غوثپور ۾ هندو برادري طرفان شھر جي مئن بس آڏو انڊس هاءِ وي تي لنگر ۽ ٿڌي پاڻيءَ جا اسٽال لڳايا ويا۔ هندو برادري جي روحاني پيشوا سائين بابا گُرداس رام جي 92 جنم ڏينهن جي حوالي سان لنگر ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي ڪيمپ لڳائي ڪري شهر، ٻهراڙي جي ماڻهن سميت انڊس هاءِ وي تي ايندڙ ويندڙ مسافرن گاڏين کي بيهاري ٿڌو پاڻي ۽ لنگر تقسيم ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ڪيمپ تي موجود راجيش ڪمار، اَوِي ڪُمار، مھيندر لال۔ ساگر۔ گوتم ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هر سال جيان هن سال به پنھنجي مرشد سائين جي 92 سالگره وڏي عقيدت سان ملهائي رهيا آهيون۔ هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مرشد بابا گُرداس رام ڳڙهي تيغو ۾ جنم ورتو ۽ غوثپور جي تاريخي بابا غريبداس مندر جو پنجون نمبر گادي نشين ٿي گذريو۔ هوڏانهن سالگره جي موقعي تي هندو برادري جي ماڻهن پنهنجا ڪاروبار بند ڪري سالگره جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته مک تقريب بابا غريب داس مندر ۾ رات اٺين وڳي کان منعقد ڪئي ويندي جنھن ۾ ڊرامو ” ڪھاڻي گھر گھر ڪي“ پيش ڪيو ويندو ۽ جنم دن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو۔۔ جنم دن جي تقريب ۾ سنڌ جي مختلف شھرن مان سوين مرد توڙي عورت عقيدتمندن جي آمد شام کان ئي جاري آھي