“غوثپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جي يو آءِ ۽ هندو پئنچايت جو احتجاج – ڀتا خوري ۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف شهر جون گهريون دانهون”

غوثپور شھر ۾ وڌنڌڙ بدامني ۽ لاڳيتو ھندو واپارين کان ھڪ ھفتي ٿيندڙ ٽن وڏين وارداتن توڙي واپاري طبقي کي ڏوھارين پاران ڀتي لا۽ موڪليل ڌمڪين واري عمل خلاف اڄ جي يو آ۽ ۽ ھندو پئنچايت جي سڏ تي شھر جي جامع مسجد کان موبائلن جون لائيٽون ٻاري ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جيڪا مختلف بازارن ۽ چوڪن کان ٿيندي مئن بس اڏي تي اچي ختم ڪئي ويئي۔ ريلي جي اڳواڻي جي يو آ۽ جو امير سيد سھيل احمد شاه۔ مولوي سائين بخش اوڳاھي۔ ھندو پئنچايت جو اڳواڻ انجنيئر رميش لال۔ مھيندر لال۔ سعادالله اوڳاھي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا۔ ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ نوجوانن ڀتا خوري نامنظور۔ غوثپور کي امن ڏيو۔ ضلعي ڪشمور جو امن امان بحال ڪرايو ۽ ڌاڙيل ڪلچر نامنظور جا نعرا لڳائي رھيا ھئا۔ ان موقعي تي جي يو آ۽ اڳواڻ سيد سھيل احمد شاه صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته افسوس آھي جو غوثپور ۾ امن اڻلڀ ٿي ويو آھي ۽ ھتانجي پوليس شھر کي ڏوھارين حوالي ڪري ڇڏيو آھي۔ ھن چيو ته کلئي عام ڏوھاري شھر جي ھندو برادري کان دوڪانن تان ھٿيارن جي زور تي لکين روپيه ڦر ڪري وڃن ٿا ۽ ڪاروباري ماڻھن کي بلئڪ مئل ڪرڻ لا۽ ڀتا خور مافيا سندن کان لکين روپيه ڀتو گھري ٿي۔ پر پوليس جي ڪن تي جونء به نٿي چري اسان ڪيترائي ڀيرا ڏوھارين جا نالا ۽ نمبر پوليس وارن کي نوٽ ڪرايا آھن پر مجال جو پوليس ڪو موثر ائڪشن کڻي عوام کي تحفظ ڏي۔ اڳواڻن آ۽ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته غوثپور ۽ ڀرپاسي امن امان جي بگڙيل صورتحال تي ظابطو آڻي ھندو برادري کي تحفظ نه ڏنو ويو ته مئن انڊس ھا۽ وي بلاڪ ڪري ايس پي آفيس آڏو ڌرنو ھڻي ويھي رھنداسين