غير قانوني افغان شهري دهشتگردي ۾ ملوث آهن، پاڪستان جا ثبوت موجود آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته اهڙيون شاهديون موجود آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو ته غير قانوني افغان شهري دهشتگردي ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن. 5 سيپٽمبر 2025 تي هڪ جرمن جريدي کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪستان 40 سالن تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي، انهن جي باعزت واپسي لاءِ منظم قدم کنيا ويا آهن ۽ انساني بنيادن تي انخلا جي ڊيڊ لائين ۾ به ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته افغان پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ جا بنيادي سبب پرڏيهي مداخلت ۽ گهرو ويڙهه هئا، جيڪي هاڻي موجود ناهن. ڀارت بابت ڳالهيون سوال جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت اندر ٿيندڙ پرتشدد واقعا ڀارتي حڪومت جي وڌندڙ انتهاپسند پاليسين جو نتيجو آهن. ڀارت پنهنجا اندروني مسئلا ٻاهرين ۽ ٻاهرين مسئلا اندروني طور پيش ڪري ٿو ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي واري ڪارروائين ۾ رياستي سرپرستي هيٺ ملوث آهي. هن چيو ته ڀارتي فوج جا حاضر سروس آفيسر پاڪستان اندر دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن، جن جا مستند ثبوت عالمي برادري اڳيان بار بار پيش ڪيا ويا آهن. ڪشمير مسئلي تي به هن عالمي برادري کان ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. دهشتگردي خلاف پاڪستان جو موقف ڊي جي آءِ ايس پي آر واضع ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به هٿياربند گروپ يا جٿ لاءِ ڪا جاءِ ناهي، ۽ جهاد جو اعلان صرف رياست ڪري سگهي ٿي. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين اسٽيٽ رهيو آهي ۽ هزارين قربانيون ڏنيون آهن. هن ٻڌايو ته آمريڪا جي افغانستان مان انخلا بعد ڇڏي ويل هٿيار دهشتگرديءَ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ آمريڪا پاڻ به ان تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پاڪستان جا عالمي ۽ علائقائي لاڳاپا ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ – ڀارت تڪرار دوران ڊونلڊ ٽرمپ اسٽريٽجڪ ليڊر طور ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جا ڀائر ملڪ چين سان اسٽريٽجڪ ۽ تعميري لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا ڪالعدم مجيد بريگيڊ کي عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ مارجي ويل ڪيترائي دهشتگرد نالي ماتر گمشدہ ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل هئا.