لاهور: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي جي ليگل ٽيم ايف آءِ اي ۽ انٽرپول کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو.
فرح گوگي جي ليگل ٽيم موجب فرح گوگي خلاف ڪيل ڪارروائي سياسي بنيادن تي آهي سندس خلاف داخل ڪيس ايف آءِ اي جي اختيار کان ٻاهر آهن. فرح گوگي جي ريڊ وارنٽ لاءِ ڪيل لکپڙهه آرٽيڪل 3 جي ڀڃڪڙي آهي.
ليگل ٽيم چيو آهي ته ريڊ نوٽيس جي درخواست ميڊيا تي جاري ڪري توهين ڪئي وئي. اهڙا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ سان ملڪ جي بدنامي ٿيندي آهي.
ليگل ٽيم انٽرپول کان درخواست ڪئي آهي ته ريڊ وارنٽ جي لاءِ ٻيهر خط لکيو وڃي ته سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.