پي ٽي آءِ جو اڳوڻو مرڪزي اڳواڻ فواد به چوڌري به استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي.ذريعن موجب عليم خان جي رهائشگاهه تي گذريل ڏينهن ڪوٺايل تقريب ۾ فواد چوڌري شرڪت ڪئي هئي جنهن کان پوءِ کيس جهانگير ترين جي استڪام پاڪستان پارٽي ۾ اهم عهدو ملڻ جو امڪان آهي.ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ مسرت جمشيد چيمه جهانگير ترين سان ملاقات جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجي جهانگير ترين ۽ نه ئي ان گروپ جي ڪنهن اڳواڻ سان ملاقات ٿي آهي مون سياست کان پاسيرو رهڻ جو اعلان ڪيو آهي. مسرت جمشيد چيمه چيو ته ڪنهن به پارٽي ۾ شامل نه ٿي آهيان نه ئي وري ٿيندس. جهانگير ترين سان ملاقات جي سالن جي پراڻي تصوير هلائي پئي وڃي.هوڏانهن پنجاب جي اڳوڻي گهرو وزير هاشم ڊوگر ڊيموڪريٽس گروپ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ ڊيمو ڪريٽ گروپ ختم ٿي چڪو آهي سڀني دوستن جي مرضي سان پنهنجي مستقبل جي باري ۾ فيصلو ڪندس. هاشم ڊوگر چيو ته مان ڪنهن به پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس. آخري وقت تائين پي ڊي ايم خلاف ئي سياست ڪندو رهندس.ياد رهي ته پنجاب جي اڳوڻي گهرو وزير هاشم ڊوگر تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ ڪارڪنن تي ٻڌل ڊيمو ڪريٽس گروپ قائم ڪيو هو جنهن جا ڪجهه ميمبر اڳ ئي سندس ساٿ ڇڏي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آهن.