فيصل آباد جي ڊاڪٽرن جو انوکو ڪارنامو: هڪ ئي نالي جي ٻن عورتن جا غلط آپريشن ڪري ڇڏيا

فيصل آباد ۾ نجي اسپتال جو انوکو ڪارنامو سامهون اچي ويو آهي. ٽنگ جو آپريشن ڪرائڻ لاءِ آيل عورت جو پتو ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته پتي جو علاج ڪرائڻ آيل ٻئي مريض عورت جو ٽنگ جو آپريشن ڪري ڇڏيو.فيصل آباد جي علائقي غلام محمد آباد جي نجي اسپتال ۾ انوکو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن مبينه طور تي پتو ڪڍرائڻ لاءِ آيل عورت جي ٽنگ جو آپريشن ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٽنگ جو آپريشن ڪرائڻ لاءِ آيل ٻئي عورت جو پتو ڪڍي ڇڏيو.ان حوالي سان وارثن ٻڌايو ته عورت جڏهن ڊاڪٽرن کي ٽنگ تي نشان لڳائيندي ڏٺو ته هن انهن کي ٻڌايو ته مان پتي جو آپريشن ڪرائڻ آئي آهيان ته ڊاڪٽرن چيو ته اوهان کي ڇريون نه پيا هڻون، اسان کي وڌيڪ خبر آهي ته ڇا ڪرڻو آهي.ايم ايس ڊاڪٽر محمد شاهد ٻڌايو ته ٻنهي مريض عورتن جا نالا هڪ جهڙا هجڻ سبب غلطي ٿي آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي حقيقتون سامهون اچي وينديون. جڏهن ته نجي اسپتال جي انتظاميه طرفان ڊاڪٽرن کي معطل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جڏهن ته متاثرين پنجاب جي صحت واري وزير کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.