فيض گنج: جيستائين ڪئنالن تي ڪم بند نه ٿيندو شادي نه ڪندس، ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻي ۾ گهوٽ جي ڄاڃين سميت شرڪت

فيض گنج ڀرسان مھراڻ ھاء وي تي لڳل ڌرڻي ۾ رستي تان ويندڙ گھوٽ گاڏي مان لھي ويھي رھيو جيستائين ڪينالن جو ڪم بند نه ٿيندو شادي نه ڪندس. پڪاچانگ مھراڻ ھاء وي تان سانگهڙ کان شڪارپور ويندڙ ڄاڃين جو گهوٽ سميت مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو ڄڃ ۽ گھوٽ جي ڪينالن خلاف سخت نعري بازي انهي موقعي تي گھوٽ چيو ته اسان جون خوشيون سنڌو سان سلھاڙيل آھن ان ڪري مان ايستائين شادي ن ڪندس جيستائين ڪينالن وارو فيصلو واپس نٿو ورتو وڃي. گهوٽ جو ڌرڻي ۾ ويھي رھڻ ۽ ڪينالن خلاف نعري بازي ڪرڻ دوران ماحول گرم ٿي ويو ھر پاسي ڪينال نامنظور جي نعرن جي گونج ٻري پئي.