فيض گنج: والدين جي لاپرواهي سبب معصوم ٻارڙو گاڏي اندر ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت

فيض گنج ڀرسان ڳوٺ مشغول خان بالادي ۾ والدين جي ٿوري لاپرواھي گلن جھڙي معصوم ٻارڙي کان حياتي کسي ورتي فيض گنج  ڀرسان مشغول خان بالادي ۾ هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويل والدين کان گاڏي اندر اگهور ننڊ ستل معصوم ٻارڙو وسري ويو والدين گاڏي بند ڪري شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ھليا ويا والدين جي شادي ۾ شرڪت وڃڻ کان پوءِ 7 ورهين جو معصوم ٻارڙو صنعان علي ولد غلام مرتضي بالادي گاڏي ۾ ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويو،گلن جھڙي معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي.