فيض گنج ڀرسان ڳوٺ محمد علي اعواڻ ۾ مسجد جي پيش امام بلاول شر پاران يارنھن ورهين جي کٿابي اعجاز علي ولد لياقت علي کي مسجد اندر زبردستي بدفعلي جو نشانو بنايو ويو. متاثر ٻارڙي جي والد لياقت علي جي فرياد تي ڪوٽ لعلو ٿاڻي تي پيش امام بلاول شر مٿان ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آھي ڪوٽ لعلو پوليس موجب مولوي بلاول شر اعتراف ڪيو آھي ته مون کان غلطي ٿي ؤئي آھي، مان سزا جو مستحق آھيان ، پوليس موجب جوابدار کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جانچ لا ريمانڊ ورتو ويندو