قاضي احمد شھر جي دوست محمد ڪالوني مان 4 ڏينھن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 8 ڪلاس جي ھندو شاگردياڻي 14ورھين جي سوھانا شرما کي پوليس هٿ ڪري مقامي عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهي. ھندو شاگردياڻي جي مذھب مٽائي شادي ڪرڻ جو انڪشاف سامھون اچڻ بعد سندس جي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪئي وئي آھي جنهن ۾ سندس جو چوڻ آھي ته آءُ پاڻ اختر گبول سان آئي آھيان مسلمان ٿيڻ بعد سندس سان شادي ڪئي آھي مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي قاضي احمد جي مذھب تبديل ڪري شادي ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ شاگردياڻي سوھانا شرما جي پيُ دليپ ڪمار شرما پنهنجي نياڻي جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو بابت چيو آھي ته نينگري مٿان سخت تشدد ڪيو ويو آھي نينگري کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سندس کان بيان ورتو ويو آھي کيس لکي ڏنو ويو آھي ڪو ماڻھو کيس سمجهائي پيو ته هي پڙھ. نينگري حراسيل آھي. هن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته نينگري کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.