نوابشاهه: قاضي احمد ۾ قومي شاهراهه سنگره موري وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ الٽجي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر فوت ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ملتان کان ڪراچي ويندڙ بس حادثي جو شڪار، زخمين کي اسپتال منتقل، وڏي وزير جو نوٽيس موٽر وي پوليس موجب حادثي ۾ زخمين ۽ فوتين کي قاضي احمد، نوابشاهه ۽ شاهپور جهانيان جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي جو شڪار ڪوچ ملتان کان ڪراچي وڃي رهي هئي، جڏهنته حادثي بابت جاچ جاري آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوابشاهه ۾ مسافر ڪوچ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي فوري امدادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته فوتين ۽ زخمين جي وارثن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي.