قاضي فائز عيسيٰ تي حملو ڪندڙن جا رد ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بحال

 اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي لنڊن ۾ حملي جي الزام هيٺ پاڪستاني شهريتن جا رد ڪيل شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بحال ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب، حڪومت پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ ماڻهن جا دستاويز رد ڪرڻ واري ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي. ياد رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ قاضي فائز عيسيٰ جي لنڊن ۾ مڊل ٽيمپل آمد تي احتجاج کانپوءِ سندس ڪار کي نشانو بڻايو ويو هو. گهرو وزارت ملوث جوابدارن جي نشاندهي ڪري ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو ۽ پاڪستان برطانوي حڪومت کي خط لکي ڄاڻايل ماڻهن جي حوالگي جو مطالبو پڻ ڪيو هو. ان کانسواءِ گهرو وزير محسن نقوي چيف جسٽس تي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي شهريت رد ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اعلان به ڪيو هو، پر هاڻي اها ڪارروائي روڪي وئي آهي. ياد رهي ته لنڊن ۾ قاضي فائز عيسيٰ جي مڊل ٽيمپل مان روانگي وقت گاڏي روڪڻ ۽ دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.