قانونسازي ڪرڻ حڪومت جو آئيني حق آهي، گڏجي ڪم ڪنداسين ته ملڪ ترقي ڪندو: اسحاق ڊار

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته قانونسازي ڪرڻ حڪومت جو آئيني حق آهي، سڀئي ملي ڪم ڪنداسين ته ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو.سينيٽ اجلاس جي دوران خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته چيو پيو وڃي ته لڪي قانونسازي ٿي رهي آهي، هڪ حڪمت عملي به هوندي آهي، قانونسازي اسان جو ڪم آهي، ماضي ۾ هر ڪو قانونسازي ڪندو رهيو آهي. اسان کي اصولن جي سياست کي نه ڇڏڻ گهرجي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ 22 ترميمون ٿينديون هيون. ميثاق جمهوريت ۾ عدالتن جو خاڪو موجود آهي. سينيٽ چيئرمين مون کان پڇي رهيو آهي ته مون وٽ نمبرز آهن يا نه؟ چيئرمين صاحب اهو اوهان جو ڪم نه آهي.نائب وزيراعظم چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي تجويز تي خصوصي ڪميٽي ٺاهي وئي هئي. خصوصي ڪميٽي جو قيام پارليامينٽ جو وقار بحال ڪرڻ لاءِ آهي. پارليامينٽ جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ ملي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته قانونسازي ڪرڻ حڪومت جو آئيني حق آهي، مان به مڃان ٿو ته ملڪ پوئتي ٿي ويو آهي پر اسان کي ملڪ کي انهن مسئلن مان ڪڍڻو آهي، جيڪڏهن اسان گڏجي ڪم ڪنداسين ته ملڪ ترقي ڪندو.