قلعه عبدالله: 2 قبيلن ۾ تڪرار تان فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله ۾ 2 قبيلن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا ڊپٽي ڪمشنر قلعه عبدالله موجب توت اڊا ۾ 2 گروپن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ٻنهي ڌرين طرفان ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ٻن قبيلن ۾ فائرنگ سبب 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي به ٿي پيا ڊپٽي ڪمشنر موجب ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تڪرار روڪرائڻ لاءِ ايف سي طلب ڪئي وئي جڏهن ته ليويز فورس علائقي جو گهيرو ڪري ورتو آهي. جنهن کان پوءِ اڳواڻن تي ٻڌل جرڳي ڌرين ۾ صلح ڪرائي ڇڏي ضلعي انتظاميه موجب ڊي سي ۽ اڳواڻن هٿياربند ماڻهن کان علائقو خالي ڪرائي ورتو، ليويز ۽ ايف سي علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. ضلعي انتظاميه ٻڌايو ته جهيڙي ۾ زخمي 14 ماڻهن کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.