قومي اسيمبلي ۾ جعفر ايڪسپريس هاءِ جيڪنگ جي خلاف مذمتي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي جنهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان ۾ قرارداد پيش ڪئي. قرارداد جي متن موجب ايوان جعفر ايڪسپريس واقعي سميت سمورن دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪري ٿو. اهڙا سمورا نظريات جيڪي قومي سلامتي سان تڪراري آهن انهن جي پکڙجڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهي. ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. متن موجب ايوان حادثي ۾ فوت ٿي ويل معصوم شهرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ بهادر سيڪيورٽي فورسز جي جذبي جي تعريف ڪري ٿو. ايوان بنا ڪنهن فرق، رنگ، نسل عوام سان دهشتگردي جي خلاف گڏ ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو. ايوان سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انتها پسندي جي سمورن قسمن جي مذمت ڪري ٿو. جڏهن ته هي ايوان بلوچستان واقعي کان پوءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. قرارداد تي بلاول ڀٽو زرداري، اسد قيصر، راجا پرويز اشرف، زرتاج گل، وفاقي پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري ۽ فاروق ستار سميت ٻين به قرارداد تي صحيحون ڪيون.