پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس هلندڙ هفتي گهرائڻ تي وزيراعظم جي مشاورت جاري آهي جنهن ۾ اعليٰ عسڪري قيادت ۽ انٽيليجنس ادارن جا سربراهه به شرڪت ڪندا. رپورٽ موجب پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو بند ڪمري ۾ اجلاس اربع يا خميس تي ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اعليٰ عسڪري قيادت ۽ انٽيليجنس ادارن جا سربراهه به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا سموري هائوس کي سلامتي ڪميٽي ۾ تبديل ڪيو ويندو. وفاقي وزيرن سميت سمورن پارلياماني پارٽي جي اڳواڻن کي دعوت ڏني ويندي، اعليٰ عسڪري قيادت خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ سببن تي به بريفنگ ڏني ويندي. پارليامينٽ جي فيصلي جي روشني ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ تيزي آڻڻ بابت فيصلا ٿيندا، اجلاس جي صدارت اسپيڪر اياز صادق ڪندو.