لارجر بئنچ معاملو: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽيس سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان هٽايو ويو

سويلين جي ملٽري ٽرائل خلاف درخواستن تي نَو رڪني بئنچ جي معاملي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان هٽايو ويو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو 9 رڪني لارجر بئنچ جي ٻڌڻي بابت نوٽِ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويو هو.سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان ڪجهه دير کانپوءِ ئي هٽايو ويو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 9 رڪني بئنچ تي اعتراض اٿاريا هئا، هٽايل نوٽ 30 صفحن تي ٻڌل هو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽ اڳ به هڪ ڪيس ۾ اپ لوڊ ٿيڻ کانپوءِ ويب سائيٽ تان هٽايو ويو هو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو 6 رڪني بئنچ کي غير قانوني قرار ڏيڻ جو نوٽ هٽايو ويو هو.