لاهور: ايف آءِ اي جي ڪارروائي دوران انساني اسمگلنگ جو عالمي نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو، ڀارتي ۽ افغان شهري ملوث

ايف آءِ اي لاهور سرڪل ڪارروائي ڪندي لاهور مان انساني اسمگلنگ جو عالمي نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو آهي.ايف آءِ اي ترجمان موجب نيٽ ورڪ شهرين کي پرڏيهي ملڪن ۾ روزگار جو آسرو ڏئي فراڊ ڪندو هو. گروپ  جعلي دستاويز پنهنجي پرنٽنگ پريس ۾ ٺاهيندو هو. پرنٽنگ پريس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا جعلي دستاويز تيار ڪيا ويندا هئا.ترجمان موجب گرفتار نيٽ ورڪ جا انٽرنيشنل  ڊنڪي گروپ سان به رابطي جو انڪشاف ٿيو آهي. ڏوهاري سرگرمين ۾ ڀارتي ۽ افغان شهري ملوث آهن. جاچ دوران پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي سازش به بي نقاب ٿي آهي.ٻئي طرف گهرو وزير محسن نقوي نيٽ ورڪ پڪڙڻ تي انٽيليجنس ايجنسي ۽ ايف آءِ اي کي شاباش ڏيندي چيو ته لاهور ۾ ڪامياب آپريشن انساني اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائين ۾ اهم ڪارروائي آهي.محسن نقوي چيو ته انساني اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ اهڙي طرح جا وڌيڪ آپريشن جاري رکيا ويندا. انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ آخري  حد تائين وينداسين، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث مافيا خلاف سخت قدم کنيا ويندا.