لاهور سيشن ڪورٽ: عارف علوي خلاف ڪيس جي درخواست تي فيصلو جاري ڇڏيو

لاهور جي سيشن ڪورٽ اڳوڻي صدر عارف علوي خلاف داخل ڪيس جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.ايڊيشنل سيشن جج شفقت شهباز راجا پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪو به غيرقانوني قدم کنيو ويو آهي ته ايف آءِ اي قانون موجب ڪارروائي ڪري. عدالت ايف آءِ اي کي معاملي تي ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.هي درخواست شهري شهزادي عدنان پنهنجي وڪيل مدثر چوڌري ايڊووڪيٽ جي ذريعي داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ الزام هنيو ويو هو ته اڳوڻي صدر عارف علوي پرڏيهي ملڪ ۾ تقرير دوران توهين جوڳا لفظ استعمال ڪيا.درخواست گذار جو چوڻ هو ته ان حوالي سان ايف آءِ اي کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي هئي، پر ڪو قدم نه کنيو ويو. ان کان علاوه پوليس کي به درخواست ڏني وئي پر ڪيس داخل نه ڪيو ويو. شهزادي عدنان وڌيڪ چيو ته عارف علوي جا گستاخانه لفظ استعمال ڪرڻ جا ثبوت موجود آهن ۽ ان جي وڊيو يوٽيوب تي به موجود آهي.


ڇا تو