لاهور.ننڍن ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي لاءِ درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ داخل

لاهور: ننڍن ٻارن جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز استعمال تي پابندي لڳائڻ لاءِ درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي. چيف جسٽس عاليه نيلم درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو.درخواست رانا سڪندر ايڊووڪيٽ داخل ڪئي، جنهن ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو ته ٻارڙا سوشل ميڊيا تي نامناسب مواد ڏسي رهيا آهن، جنهن سبب سندن تعليمي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ هو غير اخلاقي عادتون اختيار ڪري رهيا آهن.درخواست ۾ چيو ويو ته آسٽريليا ۽ فرانس جهڙن ملڪن ۾ 16 ورهين کان گهٽ عمر وارن ٻارن تي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، پر پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) هن سلسلي ۾ ڪو به قدم نه کنيو آهي.ياد رهي ته فرانس ۾ تازو ئي 15 ورهين کان گهٽ ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا تي پابندي جي سفارش ڪئي وئي هئي، جڏهن ته 15 کان 18 ورهين جي نوجوانن لاءِ رات 10 کان صبح 8 وڳي تائين پابندي تجويز ڪئي وئي هئي۔