لاهور : هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کان شاهه محمود خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

لاهور : هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کان شاهه محمود قريشي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس باقر نجفي شاهه محمود کي 9 مئي کان پوءِ داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ ۽ ڪيسن جي لسٽ ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ گوهر بانو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته شاهه محمود اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ سياسي پارٽي جو اڳواڻ آهي. امڪان آهي ته 9 مئي کان پوءِ داخل ڪنهن ڳجهي ڪيس ۾ پوليس شاهه محمود قريشي کي گرفتار ڪندي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 9 مئي جي واقعن کان پوءِ داخل ڳجهن ڪيسن جي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ عدالت شاهه محمود کي 9 مئي کان پوءِ ڳجهن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي.لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ پنجاب حڪومت کان شاهه محمود قريشي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل سڀاڻي تائين طلب ڪري ورتا.