لاهور :هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کان عمران خان خلاف سمورن ڪيسز جا تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتا

لاهور: هاءِ ڪورٽ ۾ 121 ڪيسن جي ڪارروائي روڪڻ بابت عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت 10 مئي تائين پنجاب حڪومت کان عمران خان خلاف ڪيسز بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف 121 ڪيسن ۾ ڪارروائي کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عمران خان جي وڪيل ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي جي آءِ ٽي کي عمران خان تائين پهچ ڏني وئي جنهن مختلف ڪيسن ۾ جاچ ڪئي. ٽيم عمران خان بابت سمورن ڪيسن ۾ جاچ ڪئي. جسٽس علي باقر نجفي پچيو ته ڇا جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي. سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته اڃان تائين جاچ رپورٽ اسان تائين ناهي پهتي. جسٽس علي باقر نجفي چيو ته لڳي ٿو ته اوهان اسان جي حڪم کي سنجيده ناهي ورتو.

عدالت پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ته عمران خان ڪيترن ڪيسن ۾ نامزد آهي ان جي رپورٽ ڏني وڃي جن ڪيسز ۾ عمران خان پوليس کي گهربل آهي انهن جا تفصيل به عدالت کي ٻڌايا وڃن.

جسٽس علي باقر نجفي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عمران خان بيگناهه آهي ته پوليس کيس ڪيسن مان ڊسچارج ڪري جيڪڏهن هو ڏوهاري آهي ته چالان ڪٽيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان جي درخواستن تي ٻڌڻي 12 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته عمران خان 121 ڪيسن جي ڪارروائي روڪڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي. ان کان علاوه پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 121 ڪيسن کي گڏ ڪرڻ جي گڏيل درخواست به داخل ڪئي آهي.