لاڙڪاڻو جي ناري دوڙ واسي نوجوان سان نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو، تحفظ جو مطالبو

لاڙڪاڻو واسي زويا ميمڻ ڌيءَ لطف علي ميمڻ دوڙ واسي نوجوان پنهل خان سان نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد جوڙو ڀائرن چڱن مڙسن جي خوف کان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.ان موقعي تي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان پنهنجي راز خوشي سان نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڪورٽ سڳوري ۾ پهچي تحفظ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، پيار جو پرڻو ڪرڻ کانپوءِ ناري جا ڀائر احسن علي، غلام فريد، راشد علي سميت ٻيا برادري جا چڱا مڙس جان جا دشمن بڻجي ويا آهن. جيڪي اسان کي ۽ شاهدن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان جي جان کي خطرو آهي. جيڪڏھن اسان کي ڪجھ به ٿيو ته ذميوار مٿي ڄاڻايل ڀائر ۽ چڱا مڙس هوندا.هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جئين اسان پنهنجي زندگي سڪون سان گذاري سگهون.