لاڙڪاڻو: گذريل ڏينهن گم ٿيل چئن نياڻين جا لاش پاڻي جي تلاءُ مان هٿ، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

لاڙڪاڻي ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي گذريل ڏينهن گم ٿيل 4 نياڻين جا لاش پاڻي جي تلاءُ مان هٿ آيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته تعلقي ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ صاحب خان ملاڻو ۾ هڪ ئي ڪٽنب جون چار نياڻيون پاڻي جي تلاءُ مان مئل حالت ۾ مليون آهن. فوتين ۾ پنج ساله بشرا ملانو، ڇهه ساله فاطمه، ست ساله حميرا ۽ اٺ ساله آمنه ملانو شامل آهن
علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش تلاءُ مان ڪڍي گهر پهچايا آهن. نياڻين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هڪ ئي خاندان جون چار نياڻيون گڏجي اهڙي المناڪ واقعي ۾ حياتي وڃائڻ تي سموري علائقي ۾ سوڳ جي فضا قائم ٿي وئي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته چارئي نياڻيون والدين سان ملڻ لاءِ فصلن واري پاسي ويون هيون ۽ اتي ئي گم ٿي ويون، جن جي ڳولا ڪرڻ تي انهن جا لاش پاڻي جي تلاءُ مان مليا آهن.