آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن (آپڪا) ضلعي لاڙڪاڻي جا عهديدار پراونشل هاءِ ويز ڊويزن آفيس لاڙڪاڻي ۾ سينئر نائب صدر اول رفيق احمد جتوئي جي صدارت ۾ اجلاس لاءِ گڏ ٿيا. اجلاس ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري مبين خان ٻرڙو، نثار احمد عارباڻي، محمد بخش ڪنڀر، بشير احمد ڀٽي، اصغر علي تنيو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سينئر نائب صدر رفيق احمد جتوئي، نثار احمد عارباڻي ۽ مبين خان ٻرڙو چيو ته جيستائين پينشن مان ڪٽوتي وارو نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويندو، تيستائين سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي پوري سنڌ ۾ مرحليوار احتجاج جاري رهندو. ضلعي لاڙڪاڻي پاران ٿيندڙ هر احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن ۽ ڪنهن حال ۾ پوئتي نه هٽنداسين. اجلاس جي شروعات تلاوت قرآن سان ڪئي وئي، جنهن جي ڪارروائي ضلعي جنرل سيڪريٽري مبين خان ٻرڙو سنڀالي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجي هڪجهڙائي ۽ احتجاج جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.