لنڊن ۾ انتها پسند ڀارتين پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عمارت تي حملو ڪري ڏنو جنهن سبب شيشا ڀڄي پيا آهن. شرپسندن پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عمارت تي ڳاڙهو رنگ به اڇليو، پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي اختيارين ميٽرو پوليٽن پوليس کي انهي حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. لنڊن پوليس پاڪستاني هاءِ ڪميشن تي حملي ۾ ملوث شرپسندن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي. هندو انتهاپسندن پاڪستاني هاءِ ڪميشن مارت کي نقصان پهچائڻ ۽ هاءِ ڪميشن جي ٻاهر فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس هڪ شرپسند کي گرفتار ڪري ورتو، ڀارتي انتها پسند پاڪستان سان دشمني ۾ پنهنجو دماغي توازن وڃائي ويٺا آهن. ياد رهي ته جمعي جي شام ڀارتي شرپسندن پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو هو، اعتراض جوڳيون حرڪتون ڪرڻ تي ميٽرو پوليٽن پولس 2 ڀارتي شهرين کي گرفتار ڪري ورتو هو. ياد رهي ته 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي سياحتي هنڌ پهلگام ۾ پيش آيل فائرنگ جي واقعي کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو نظر اچي رهيو آهي.