لنڊن: پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) اڳواڻ نوازشريف جي نالي تي لنڊن ۾ نامعلوم ماڻهن 3 گاڏيون رجسٽرڊ ڪرائي ورتيون.
نوازشريف جي لنڊن آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سٽي آف لنڊن پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي هن ڪم جو مقصد ڏوهه ڪري ان جو تعلق نوازشريف سان جوڙڻ ٿي سگهي ٿو.
نوازشريف جي لنڊن آفيس جي ترجمان خرم بٽ پوليس کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. خرم بٽ چيو آهي ته نوازشريف جي نالي رجسٽرڊ گاڏيون دهشتگردي ۽ ڌوڪو ڏيڻ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿيون. گاڏين جي تفصيل لاڳاپيل کاتي ڊي وي ايل اي ايون فيلڊ ڏانهن اماڻي. مارچ مهيني ۾ نوازشريف جي آفيس طرفان ڊي وي ايل اي کي فراڊ کان آگاهه ڪيو ويو هو.
خرم بٽ موجب اپريل 2023 ۾ هڪ ٻئي گاڏي نوازشريف جي نالي تي رجسٽرڊ ٿي. نوازشريف جي نالي ٽئين گاڏي جي ان وقت خبر پئي جڏهن سندس چالان ڪٽيو ويو. ٻين جي نالي تي گاڏي رجسٽرڊ ڪرائيندڙ جلد گرفتار ڪيا ويندا. پوليس کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پي ٽي آءِ جا سپورٽرز به هن فراڊ ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا.
هوڏانهن لنڊن پوليس موجب نوازشريف جي لنڊن آفيس طرفان گاڏين جي رجسٽريشن بابت شڪايت تي جاچ ڪري رهيا آهيون.