لنڊن ۾ ڪار حادثي کان پوءِ 20 سال ڪوما ۾ رهندڙ سعودي شهزادو لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن ۾ هڪ خوفناڪ ڪار حادثي کان پوءِ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت تائين ڪوما ۾ رهندڙ سعودي شهزادو 36 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو نيويارڪ پوسٽ جي رپورٽ موجب شهزادو الوليد بن خالد آل سعود کي 2005 ۾ صرف 15 سالن جي عمر ۾ پيش ايندڙ حادثي ۾ دماغي رڳ ڦاٽڻ(برين هيمرج) ۽ اندروني طور تي رت وهڻ کي منهن ڏيڻو پيو هو ستل شهزادي جي نالي سان مشهور الوليد بن خالد کي اسپتال ۾ وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو، پر هو ڪڏهن به مڪمل طور تي هوش ۾ نه اچي سگهيو. شهزادو الوليد، شهزادي خالد بن طلال آل سعود جو سڀني کان وڏو پٽ هو، جنهن اڄ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڏکوئيندڙ پيغام ۾ پٽ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي هن قرآن جي آيت سان گڏ لکيو ته ايمان وارن دلين سان گڏ، الله جي تقدير ۽ فيصلي تي يقين رکندي انتهائي ڏک سان اسان پنهنجي پٽ شهزادي الويد بن خالد بن طلال بن عبدالعزيز آل سعود جي لاڏاڻي تي سوڳوار آهيون، الله انهي تي رحم فرمائي جيڪو اڄ وفات ڪري ويو شهزادو الوليد 2005 ۾ لنڊن جي هڪ ملٽري ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو جتي هو خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿيو. حادثي کان پوءِ انهي کي سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ڪنگ عبدالعزيز ميڊيڪل سٽي منتقل ڪيو ويو، جتي هو لاڳيتو ڪوما جي حالت ۾ رهيو شهزادي الويد جي والد ڪڏهن به اميد جو آسرو نه ڇڏيو هن جو چوڻ هو ته سندس پٽ هڪ ڏينهن ضرور صحتياب ٿيندو. هو شهزادي جي سار سنڀال ۾ مستقل طور تي شامل رهيو ۽ لائف سپورٽ ٺاهڻ جي مطالبن کي سختي سان رد ڪندو رهيو. شهزادي جي فوت ٿيڻ جي خبر کان پوءِ(ستل شهزادي) جو بيش ٽيگ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪرڻ لڳو، هزارين ماڻهن انهي تي تعزيت پيش ڪئي. هڪ صارف لکيو ته شهزادو الوليد بن خالد جي روح کي الله جنت نصيب فرمائي، انهن جي گهر ڀاتين سان دلي همدردي آهي. هڪ ٻئي چيو ته اوهان جو دنيا ۾ وقت اوهان جي خاندان ۽ پوري دنيا جي لاءِ هڪ نعمت هو. ٽئين صارف لکيو ته الله انهي جي نرم روح کي ڪامل سڪون عطا فرمائي. شهزادي جي جنازي نماز اڄ رياض ۾ امام ترڪي بن عبدالله مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي.