لياري ۾ رهائشي عمارت ڪرڻ جو واقعو: پنج رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي

لياري جي علائقي بغدادي ۾ رهائشي عمارت ڪرڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ سنڌ حڪومت پنج رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي عمارت ڪرڻ جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ڪميٽي عمارت ڪرڻ جي سببن ۽ ذميوارن بابت سفارشون پيش ڪندي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ڪميٽي مسقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سفارشون پڻ پيش ڪندي ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي جاچ ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري طرفان 5 رڪني جاچ ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ڪميٽي ۾ ڪمشنر ڪراچي، اسپيشل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ عائشه حيد، ڊائريڪٽر ڪمپلينٽ خطرناڪ قرار ڏني وئي. عمارتن جي بلڊنگز ڪميٽي نديم احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي آصف علي لانگاهه ۽ ٻيا آفيسر ڪميٽي جو حصو آهن ياد رهي ته جمعي 4 جولاءِ تي رهائش عمارت ڪرڻ جي واقعي ۾ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. شروعاتي جاچ موجب رهائشي عمارت جي حالت زبون حال هئي.