راولپنڊي پوليس گذريل ڏينهن لياقت باغ ۽ ڀرپاسي ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ چڪرين کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 58 کان وڌيڪ مقامي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتو.پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف ڪيس وارث خان ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو جنهن ۾ سيمابيه طاهر، شهريار رياض، اعجاز خان جاري، راشد حفيظ، اجمل صابر ۽ ناصر محمود کي نامزد ڪيو ويو آهي.راولپنڊي پوليس طرفان داخل ڪيس ۾ چوڌري امير افضل، عمر تنوير بٽ ۽ ملڪ فيصل سميت 150 نامعلوم ماڻهن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس طرفان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم قتل جو ارادو، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدارن لياقت باغ ۾ رياست مخالف نعرا لڳايا. ڪارڪنن هٿيار، ڏنڊا ۽ لٺيون کڻي رکيون هيون جڏهن ته ڪارڪنن پوليس اهلڪارن ۽ سرڪاري گاڏين تي پٿراءُ پڻ ڪيو.ايف آءِ آر موجب ڪارڪنن جي تشدد سبب پوليس اهلڪار منيب عباس، اجمل خان زخمي ٿيا. جوابدارن جي پٿراءُ سبب آفيسرن جي گاڏين کي به نقصان پهتو. جڏهن ته جوابدارن سرڪاري هٿيار ڦر ڪري هوائي فائرنگ ڪئي ۽ خوف حراس به پکيڙيو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف لياقت باغ تي احتجاج ڪيو هو جنهن دوران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون هيون ۽ ان دوران ڪيترائي ڪارڪن ۽ پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا هئا.