اسلام آباد: نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ (هلال امتياز، ملٽري) خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ايندڙ سالن ۾ موسمياتي تبديلين سبب سخت متاثر ٿيندو ۽ برساتن جو سلسلو وڌڻ جا امڪان آهن. پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 7 هزار کان وڌيڪ گليشيئرز موجود آهن، جيڪي تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هلندڙ سال سانوڻي روايتي تاريخ کان 2 هفتا اڳ شروع ٿي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافو موسمياتي تبديلي جو سبب آهي. چيئرمين اين ڊي ايم اي چيو ته آزاد جمون، ڪشمير ۽ پنجاب جي دريائن ۾ هن ڀيري وڌيڪ پاڻي موجود آهي، جڏهن ته قادر آباد، سدهنائي ۽ جهنگ ۾ بند ٽوڙڻ سبب پاڻي جي وهڪري تي ڪنٽرول ڪيو ويو. گڊو بيراج تي اڄ 5 لک ڪعب جو پاڻي جمع ٿيڻ جو امڪان آهي. هن وڌيڪ چيو ته اين ڊي ايم اي جي پيشنگوئي 98 سيڪڙو درست آهي ۽ ڊيزاسٽر جي انتظام لاءِ بين الاقوامي ادارن جي ڄاڻ کان به بهتر آهي، جڏهن ته ڀارت پاران پاڪستان سان ڊيمز جو ڪو ڊيٽا شيئر نه ڪيو ويو.