پيرڳوٺ جي ڪوٽ دينل شاھ ڪالوني ۾ خانگي اسڪول جي ماسترياڻي پاران اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي ثمرين جوڻيجو کي ڪلاس جي ڪمري ۾ بند ڪرڻ کانپوءِ شاگردياڻي جي حالت خراب ٿي وئي آهي، جنهن کي وارثن خيرپور داخل ڪيو آهي ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته سيف جي تعاون سان هلندڙ نووا پرڀات دل اسڪول جي ماسترياڻي ثانيه چنه ڪلاس ورڪ نه ڪرڻ تان 8 ڪلاس جي شاگردياڻي ثمرين سميت 7 شاگردياڻين کي ڪمري بند ڪري پنکو بند ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ثمرين جي حالت خراب ٿي وئي آهي. ماسترياڻي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي طرف اسڪول انچارج مرتضي جسڪاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي جانچ هلي پئي جيڪڏهن ٽيچر ملوث نڪتي ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي