خيبرپختونخواهه جي ضلعي مالاڪنڊ جي تعلقي بٽ خيله ۾ ناٺي ساهورن جي گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتولن ۾ جوابدار جي زال به شامل آهي.پوليس موجب فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل ماڻهن ۾ 4 عورتون، 3 مرد ۽ 2 ٻار شامل آهن. جڏهن ته هڪ 12 سالن جو ٻار معجزاڻي طور تي بچي ويو.لاش پوسٽ مارٽم لاءِ بٽ خيله اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.پوليس موجب قتل ڪيل سمورا ماڻهو پنهنجي گهر ۾ سُتل هئا ته جوابدار گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري انهن کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. پوليس موجب جوابدار مقتولن جو مائٽ آهي ۽ واقعو گهريلو تڪرار سبب پيش آيو. واقعي جي شروعاتي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.ليويز پوليس موجب مڙس ناراض ٿي ساهورن ۾ ويٺل زال کي پرچائڻ ۾ ناڪامي تي فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويو. فوت ٿي ويلن ۾ حسن شاهه، حضرت علي، حضرت بلال، ضحران، زحران، رابعه، رقيه بي بي، حبيب الحرام، زوجه حسن شاهه شامل آهن.