مالاڪنڊ جي علائقي ڊهيري جولگرام ڪنڊ ۾ گهريلو جهيڙي تان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ مڙس فائرنگ ڪري پنهنجي زال، سُهري سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو. پوليس موجب، جوابدار سُهري جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس زال، سُهرو ۽ ٻيا ٽي ڄڻا موقعي تي مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهريلو تڪرار تان پيش آيو. مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدار جي ڳولا لاءِ ڇاپامار ڪارروايون جاري آهن.