ماهرن شگر جي مهانگي علاج کان بچاءُ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو

فيصل آباد: مقامي هوٽل ۾ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي پنجاب جي صحت بابت نگران وزير ڊاڪٽر جاويد اڪرم چيو آهي ته پاڪستان ۾ شگر جي بيماري پکڙجڻ جي شرح 30 سيڪڙو کان به وڌي وڃڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جاويد اڪرم چيو ته دنيا ۾ سڀ ڊاڪٽر چوندا آهن ته پاڪستان بدقسمتي سان ورلڊ ڪيپيٽل آف ڊائبيٽيز بڻجي چڪو آهي. 30 سيڪڙو آبادي يعني هن وقت گهٽ ۾ گهٽ 3.4 ڪروڙ ماڻهن کي شگر ٿي رهي آهي ۽ اها تيزي سان وڌي رهي آهي. مهانگائي ۽ غربت وڌڻ سبب غريبن وٽ ايترا وسيلا نه آهن جو هو هن بيماري جو علاج ڪرائي سگهن.ماهرن موجب شگر جي مهانگي علاج کان بچاءُ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته هن بيماري جي شروعاتي مرحلي دوران سڃاڻپ ڪري بچاءُ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.ماهرن موجب هاڻ شوگر جي پکيڙ کي روڪڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ سڀني کان اهم شيءَ آهي ته ان جي جلد سڃاڻپ مملڪن بڻائي وڃي. ماهرن موجب پاڪستان جهڙي گهٽ آمدني واري ملڪ ۾ شگر جهڙي مهانگي مرض علاج لاءِ سرڪاري، نجي ۽ عوامي سطح تي هنگامي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.