سندا ايار کي تيونس جي سفارتخاني جي مدد سان اسلام آباد پهچايو ويو جتان کان عورت جي ملڪ واپسي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تفصيل موجب سوشل ميڊيا تي محبت کان پوءِ ڪراچي اچي لياري جي عورت سان شادي ڪرڻ ۽ پوءِ طلاق ماڻيندڙ تيونس جي عورت کي وومين پوليس لياقت آباد تيونيسين سفارتخاني جي حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ايڊيشنل آءِٰ جي جي هدايت تي عورت کي سفارتخاني جي عملي حوالي ڪيو ويو جنهن کان پوءِ تيونس جي سفارتخاني جي مدد سان عورت کي ڪراچي کان اسلام آباد پهچايو ويو آهي جتان کان عورت جي ملڪ واپسي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ياد رهي ته تيونس جي 19 سالن جي عورت سندا اياري جي کڊا مارڪيٽ لياري جي رهواسي محمد عامر سان سوشل ميڊيا تي دوستي ٿي محبت ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو جنهن جي لاءِ سندا پاڪستاني ويزا حاصل ڪري 28 نومبر 2024 تي ڪراچي پهتي هئي پر انهي کان پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي.