مخصوص سيٽون ڪيس: اليڪشن ايڪٽ تي عمل ڪريون يا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي؟ اليڪشن ڪميشن نئين درخواست داخل ڪري ڇڏي

مخصوص سيٽن جي معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ نئين درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ پڇيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ تي عمل ڪيو وڃي يا سپريم ڪورٽ تي جي حڪم تي؟رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي فيصلي بابت ايڪٽ ۾ ترميم، سپريم ڪورٽ جي مختصر فيصلي، اٺ ججز جي وضاحت ۽ تفصيلي فيصلي جي وضاحت لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن رهنمائي گهري آهي ته قومي اسيمبلي طرفان منظور ڪيل اليڪشن ترميمي ايڪٽ کي اوليت ڏني وڃي يا عدالتي فيصلي کي؟اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ لکيو آهي ته قومي  اسميبلي جي اسپيڪر اسان کي خط لکيو آهي ته عدالتي فيصلي کان پوءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ٿي، اليڪشن ڪميشن مان ڊي نوٽيفاءِ ٿيندڙ ميمبرن به ترميمي قانون تي عمل جي لاءِ رابطو ڪيو. عدالتي فيصلي تي 39 ميمبرن جي حد تائين اليڪشن ڪميشن عمل ڪري چڪو آهي، ترميمي ايڪٽ ۾ مخصوص سيٽن جي حوالي سان ترميم ڪري ماضي سان اطلاق ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عدالتي فيصلو چٽو آهي ته پارليامينٽ جو صحيح طريقي سان جائزو ناهي ورتو ويو، عدالتي فيصلن کي آڏو رکندي ترميمي ايڪٽ تي عمل نه ڪرڻ به سواليه نشان هوندو.اليڪشن جي جاري ڪيل بيان موجب سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي تفصيلي آرڊر ۽ پارليامينٽ طرفان اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ جي صورتحال تي اليڪشن ڪميشن گذريل ڪجهه ڏينهن کان غور ڪري رهيو هو جنهن جي نتيجي ۾ هاڻ هي قدم کنيا ويا.ترجمان موجب سپريم ڪورٽ جي وضاحتي آرڊر ۾ ڪجهه نڪتن تي ريويو پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي، ڏٺو وڃي ته تفصيلي آرڊر اچي چڪو آهي ان ڪري پهريان کان داخل ڪيل ريويو تي ايڊيشل گرائونڊز داخل ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ جي آرڊر ۽ بعد ۾ پارليامينٽ جي منظور ٿيل قانون جي روشني ۾ ڪميشن کي ڪهڙي حڪم تي  عمل ڪرڻو پوندو انهي تي سپريم ڪورٽ ۾ سي ايم اي داخل ڪئي وئي آهي.