مدئجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد پير جلال شاھ ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 35 ورهين جو نوجوان در محمد ولد عيوض معرفاڻي مارجي ويو. مارجي ويل نوجوان جو لاش مدئجي اسپتال پهچايو ويو، اسپتال ۾ موجود نوجوان جي امڙ رحيمان معرفاڻي ٻڌايو ته منهنجو پٽ زمينن تي ترسيل هيو جنهن صبع سوير فون ڪري چيو ته مون کي گولي لڳي آهي کڻي وڃو، واقعي واري هنڌ پهتاسين ته پٽ فوت ٿي ويو هو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. هوڏانهن ڳاهيجا پوليس لاش کڻائي مدئجي اسپتال آندو. ڳاهيجا پوليس موجب اسان کي لاش بابت اطلاع مليو لاش کڻائي مديجي اسپتال آندو آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.