خيبرپختونخواهه جي ضلعي مردان ۾ ذاتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا مردان پوليس جي ترجمان محمد فهيم خان نجي چينل کي ٻڌايو ته ٻن ڌرين جي وچ ۾ ذاتي جهيڙي تي تڪرار ٿيو جنهن جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ هڪڌر جا 3 ۽ ٻئي ڌر جو هڪ ماڻهو شامل آهن پوليس ٻڌايو ته جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي به ٿيا، زخمي ٿيلن مان هڪ شخص اربع جي رات ڳڙهي ڪپوره ٿاڻي ۾ ايف آءِ داخل ڪرائي آهي. سامهون ايندڙ ايف آءِ ار موجب شڪايت ڪندڙن چيو ته واقعو رات تقريبن 10 وڳي انهي وقت پيش آيو، جڏهن اهو پنهنجي ڀائرن ۽ سئوٽن سان گڏ واپس وڃي رهيو هو ته پهريان کان موجود هٿياربندن سندن مٿان حملو ڪري ڏنو داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب شڪايت ڪندڙن جو چوڻ هو ته 5 هٿياربندن اسان تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته منهنجو سئوٽ ۽ مان زخمي ٿي پياسين. ٻئي ڌر جي مقتول جي ويجهي مائٽ به ڳڙهي ڪپوره ٿاڻي ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلمن 302 324 ۽ 34 جي تحت ڪيس داخل ڪرايو آهي پوليس ترجمان فهيم خان وڌيڪ چيو ته لاشن ۽ زخمين کي پوسٽ مارٽم ۽ طبي امداد جي لاءِ بالا ڳڙهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.