لاهور: اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي مبينه آڊيو ليڪ تي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.مريم نواز ٽوئيٽر تي جاي ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جن جي ريٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ اهڙي حالت آهي، سوچو جڏهن اهي طاقت جي نشي ۾ پنهنجي ڪرسين تي وقت جا فرعون بڻجي ويٺل هئا ته ڪهڙي طرح پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري رهيا هوندا. هن چيو ته نوازشريف چپ آهي پر رب پاڪ طرفان سندس خلاف سازشون ڪندڙن جو ڳٺ جوڙ روز سامهون اچي رهيو آهي.مريم نواز وڌيڪ چيو ته تاريخ ۾ اهڙو ڏوهه اڄ تائين ڪنهن رياست سان نه ٿيو هوندو. عمران خان کي مڙهيندڙ پاڪستان جا ڏوهاري آهن، اهي سزا جا مستحق آهن. رياست انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي.