رحيم يار خان جي ٻوڏ متاثر علائقي ظاهر پير ۾ جڏهن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پهتي ته رليف ڪيمپن ۾ موجود ٻارن ۽ عورتن جي اکين ۾ اميد جا ديوارا روشن ٿي ويا. مريم نواز نه صرف امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو پر متاثر خاندانن جي وچ ۾ ويهي سندن مسئلا ٻڌا. عورتن سان ڳالهائيندي هن کين گهرن جي بحالي لاءِ قدمن جو يقين ڏياريو. رليف ڪيمپ ۾ موجود ٻارن کي کاڌي پيتي جون شيون ورهائيون ۽ هڪ ننڍڙي ٻار کي هنج ۾ کڻي پاڻ هٿن سان پاڻي پياريو، جنهن منظر ماڻهن جي دلين کي ڇُهي ڇڏيو وزيراعليٰ کي دوري دوران صحت جون سهولتون ۽ ريسڪيو آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي. هن ريسڪيو ٽيمن ۽ عملي جي همت ۽ محنت جي واکاڻ ڪندي چيو ته مشڪل لمحن ۾ عوام سان گڏ بيهڻ ئي حقيقي خدمت آهي. مريم نواز موقع تي ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد جو اعلان ڪندي چيو:”مشڪل جي هن گهڙي ۾ حڪومت اوهان سان گڏ آهي، اوهان کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.”رحيم يار خان ۾ متاثر ماڻهو اميدن سان ڀريل نظر آيا ته حڪومت جي مدد سان سندن زندگيون ٻيهر بحال ٿي سگهنديون.