مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز نجي ايئرلائين جي اڏام ذريعي عيدالاضحيٰ ملهائڻ جي لاءِ دبئي روانو ٿي وئي آهي مريم نواز ايمريٽس جي اڏام 625 مان لاهور کان دبئي جنهن کان پوءِ لنڊن پهچندي. ذريعن موجب مريم نواز پنهنجي والد نوازشريف سان گڏ حج ادا ڪندي جنهن کان پوءِ نوازشريف ۽ سندس ٻيا گهر ڀاتي حج کان پوءِ واپس لنڊن روانا ٿي ويندا.نوازشريف اڄ رات لنڊن کان سعودي عرب پهچندو. نوازشريف سعودي عرب ۾ اهم ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ ساڻس گڏ مريم نواز به گڏ هوندي. ياد رهي ته مريم نواز ڪالهه رات مري ۽ اسلام آباد جي هڪ هفتي جي دوري کان پوءِ لاهور پهتي هئي.