مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار ارمغان پنهنجي والد کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عدالت ۾ عجيب وغريب بيان ڏيڻ لڳو. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جوابدار ارمغان کي پيش ڪيو ويو. جوابدار ارمغان جي والد جي پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر کي ڌمڪين جي معاملي تي پوليس دهشتگردي جي انت واري ڪورٽ ڪمپليڪس جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. پوليس موجب اسان کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن کي به اندر نه اچڻ ڏنو وڃي، پر ڌمڪيون ڏيندڙ ڪامران قريشي کي اي ٽي سي ڪمپليڪس ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي ۽ صحافين جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي، اها پابندي پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي جي خط جي روشني ۾ لڳائي وئي آهي. ڪڏهن چيو ويندو آهي ته ايڊمن ڪورٽ پابندي لڳائي آهي ڪڏهن چيو ويندو آهي ته ڪورٽ 4 پابندي لڳائي آهي. ٻڌڻي دوران جوابدار ارمغان جي وڪيل عابد زمان خان ڪيس جي پيروي کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي جوابدار جي والد ڪامران قريشي سان انڊر اسنٽينڊنگ نه هئي، ڪيس وڪيل هلائيندو آهي يا ڪلائنٽ؟ انهي موقعي تي جوابدار ارمغان کي عدالت جي آڏو پيش ڪيو ويو جڏهن ته جوابدار جي والده ۽ والد کي وڪيل صفائي جي استدعا تي عدالت ۾ گهرايو ويو. وڪيل طاهر تنولي ايڊووڪيٽ چيو ته اسان گارنٽي ڏيون ٿا ته ڪوبه گوڙ نه ٿيندو. جنهن کان پوءِ عدالت جوابدار ارمغان جي والد کي گوڙ ڪرڻ تي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڪامران قريشي کي پوليس اهلڪار ڇڪي ڪورٽ کان ٻاهر آندو. ٻڌڻي دوران جوابدار ارمغان پنهنجي والد جي وڪيل کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مون کي پنهنجي والد سان ناهي ملڻو. مان هن وڪيل کي نٿو مڃان، منهنجو پنهنجي والد سان ڪوبه واسطو نه آهي، جنهن تي ڪامران قريشي گوڙ ڪندي چيو ته مون کي پيءُ نٿو مڃي ته مون کي طلاق ڏيو جنهن کان پوءِ عدالت صحافي تي فائرنگ جي ڪيس ۾ به جوابدار ارمغان جي جسماني ريمانڊ ۾ 24 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي. جوابدار ارمغان انهي موقعي تي عجيب بيان ڏيندو رهيو ۽ چيو ته مون کي پاڪ فوج جي مدد جي ضرورت آهي، مون کي موساد جيوش مافيا ٽارگيٽ ڪري رهي آهي، انهي دوران جوابدار ريمانڊ کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا چهري تان ڪپڙا به هٽائيندو رهيو. وڪيل صفائي طاهر تنولي موجب جوابدار ارمغان عدالت جي آڏو ڏوهه مڃڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. عدالت جوڊيشل مئجسٽريٽ جي آڏو ڏوهه مڃڻ جي هدايت ڪئي آهي. جوابدار ارمغان کي ايترو پريشان ڪيو ويو آهي جو هاڻ هو ڏوهه قبول ڪرڻ جي لاءِ به تيار آهي.