ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب سموگ کي روڪڻ لاءِ راڪيٽ فائر ذريعي ڪلائوڊ سيڊنگ جي تياري ڪئي پئي وڃي، ڪلائوڊ سيڊنگ لاءِ سسنا جهاز ذريعي راڪيٽ فائر ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ مصنوعي برسات لاءِ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ نمي ۽ بادل هجڻ جو تخمينو لڳايو ويو آهي، موسميات کاتي ۽ ماحوليات کاتي اي اهم ڪردار، ٻنهي ڊپارٽمنٽ جي حڪم تي، ڪلائوڊ سيڊنگ راڪيٽ فائر ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪلائوڊ سيڊنگ لاءِ فنڊ فنانس وزارت طرفان منظور ڪيا ويندا