مظفر ڳڙهه کان مسلم ليگ(ن) جي ايم پي اي راڻا عبدالمنان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب راڻا عبدالمنان کي ضمانت رد ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب(ن) ليگي ايم پي اي راڻا عبدالمنان جي خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر تي تشدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ ايم پي اي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ پوليس راڻا عبدالمنان کي گرفتار ڪري ورتو.ياد رهي ته 18 ۽ 19 مئي تي رات دير سان اسسٽنٽ ڪمشنر جتوئي تي مبينه تشدد جو ڪيس مسلم ليگ(ن) جي ايم پي اي عبدالمنان ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف داخل ڪيو ويو هو.