پاڪستان: تحريڪ انصاف جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان معدي ۾ تڪليف سبب شوڪت خانم اسپتال ۾ طبي معائنو ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سخت سيڪيورٽي ۾ زمان پارڪ لاهور کان شوڪت خانم اسپتال آندو ويو.پي ٽي آءِ ذريعن موجب عمران خان ٻنپهرن کان معدي ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيو هو. ذريعن موجب شوڪت خانم اسپتال ۾ ڊاڪٽرن طرفان عمران خان جو 4 ڪلاڪن تائين طبي معائنو ڪيو ويو. عمران خان معدي ۾ تڪليف سبب 4 ڪلاڪ اسپتال ۾ رهيو. جتي سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون. طبي معائني کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين شوڪت خانم اسپتال کان واپس زمان پارڪ پهچي ويو.