معمول کان گهٽ برساتون، تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي کوٽ، ڏڪار جو خطرو وڌي ويو

   هلندڙ سال معمول کان گهٽ برساتن سبب تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب مختلف دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي هيٺين سطح تي پهچي ويو آهي جنهن سبب موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته متاثر علائقن ۾ ڏڪار جي صورت ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. موسميات کاتي موجب ايندڙ مهيني به ملڪ ۾ معمول کان گهٽ برساتون پوڻ جو امڪان آهي، وڌندڙ گرمي پد کي نظر ۾ رکندي ڏڪار جو خطرو رهندو. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ سيپٽمبر 2024 کان 21 مارچ 2025 ع تائين برساتون معمول کان 40 سيڪڙو گهٽ ٿيون، ٻين صوبن جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ سڀني کان گهٽ برساتون پيون آهن. اختيارين موجب انڊس ريور سسٽم اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سارين جي سيزن لاءِ موجود پاڻي جو اندازو ۽ دستيابي جو جائزو ورتو ويندو.