مفتاح اسماعيل ن ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ن ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفي ڏئي ڇڏي.مفتاح اسماعيل ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال نالي خط ۾ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي سان گڏوگڏ سڀني پارٽي ڪميٽين تان به استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.مفتاح اسماعيل چيو ته هاڻ مان چونڊ سياست ۾ سرگرم نه رهندس، نه رڳو پارٽي پر حڪومت ۾ به ذميواريون ڏيڻ تي پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهيان، پارٽي قائد نواز شريف ۽ صدر شهباز شريف مون سان انتهائي مهربان رويو اختيار ڪيو، مان حمايت ۽ اعتماد تي سندن ٿورائتو رهندس.هن چيو ته سماجي طور تي منصفاڻو ۽ معاشي طور تي مستحڪم پاڪستان ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪيان ٿو، مان توهان لاءِ، پارٽي لاءِ ۽ سڀني ليڊرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو.ياد رهي ته مفتاح اسماعيل حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪندو رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ذريعن چيو هو ته مفتاح اسماعيل کي پارٽي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ جلد ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.