وزارت خزانه جي اعلامي موجب، پاڪستان جي وفاقي حڪومت پهريون ڀيرو 2,600 ارب رپين جا قرض وقت کان اڳ ادا ڪري ڇڏيو، جنهن سان ملڪ ۾ قرضن جا خطرا نمايان طور تي گهٽجي ويا ۽ اربين رپين جو سود بچايو ويو.اعلامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ جو ڊيٽ ٽو جي ڊي پي تناسب 74 سيڪڙو کان گهٽجي 70 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، جڏهن ته مالي سال 2025 ۾ وفاقي خسارو 7.1 ٽريلين رپين تائين محدود رهيو. خسارو جي ڊي پي جي 7.3 سيڪڙو کان گهٽجي 6.2 سيڪڙو ٿي ويو ۽ لڳاتار ٻئي سال 1.8 ٽريلين رپين جو پرائمري سرپلس حاصل ڪيو ويو.مجموعي قرضن ۾ سالياني واڌ 13 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل پنجن سالن جي اوسط 17 سيڪڙو کان گهٽ آهي. هن قدم سان سود جي ادائيگي ۾ 850 ارب رپين جي بچت ٿي، جڏهن ته بجيٽ ۾ سود جي ادائيگي لاءِ 8.2 ٽريلين رپيا مختص ڪيا ويا آهن.اعلامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پبلڪ ڊيٽ جي اوسط ميچورٽي 4.0 سال کان وڌي 4.5 سال ۽ ملڪ جي قرضن جي اوسط ميچورٽي 2.7 سال کان وڌي 3.8 سال ٿي وئي آهي. ساڳئي وقت 14 سالن کان پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 2 ارب ڊالر جو سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو.حڪومت جو چوڻ آهي ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب 800 ارب رپين جو فرق پيدا ٿيو، ۽ موجوده حڪمت عملي معيشت کي سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، جنهن سان ملڪ جي قرضن جي صورتحال اڳ کان گهڻو مستحڪم ٿي وئي آهي.