ملڪي گيس تي نوان ڪنيڪشن مستقل طور بند، 30 لک درخواستون ملتوي

اسلام آباد: پيٽروليم ڊويزن وفاقي ڪابينه جو منظور ڪيل فريم ورڪ سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن کي اماڻي ڇڏيو آهي، جنهن تحت ملڪي گيس تي نوان ڪنيڪشن لڳائڻ تي مستقل پابندي لڳائي وئي آهي. فيصلي موجب سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن کي اڳ ۾ وصول ٿيل 30 لک درخواستون به ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نون ڪنيڪشن صرف درآمدي گيس تي ڏنا ويندا، جنهن جو ٽيرف ملڪي گيس جي ڀيٽ ۾ 70 سيڪڙو وڌيڪ هوندو. فريم ورڪ مطابق هڪ سال ۾ 50 سيڪڙو صارفين کي ارجنٽ فيس سان نوان ڪنيڪشن فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته ارجنٽ فيس ادا ڪندڙن کي 3 مهينن اندر درآمدي گيس تي ڪنيڪشن ڏنو ويندو.